آئرلينڊ ۾ پرتشدد مظاهرن جي ڪوريج ڪندڙ عورت صحافي قتل

0
48
Lyra McKee Murder

آئرلينڊ (ويب ڊيسڪ) سول نافرماني جي هلندڙ تحريڪ جي دوران پرتشدد مظاهرن جي ڪوريج ڪندڙ مشهور عورت صحافي ليرا مڪڪي کي آئرلينڊ ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي.

عالمي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب آئرلينڊ جي شهر(لنڊن ڊيري) ۾ اڻڃاتل هٿياربندن 29 سالن جي عورت صحافي ليرا مڪڪي کي ان وقت گولين جو نشانو بڻايو جڏهن هوءَ سول نافرماني جي تحريڪ جي دوران ٿيندڙ پرتشدد مظاهرن جي ڪوريج ڪري رهي هئي.

خبرون ڏيندڙ اداري خدشو ظاهر ڪيو آهي ته حملي آورن جو تعلق ري پبلڪن باغين سان ٿي سگهي ٿو.

عالمي خبرون ڏيندڙ  ايجنسي موجب حملي آور ايترا ته ڪاوڙيل ۽ جنوني هئا جو عورت صحافي جي مدد جي لاءِ جڏهن ايمبولينس پهتي ته ان مٿان به پيٽرول بم اڇلائي ان کي باهه ڏئي ڇڏيائون.

مقامي ميڊيا موجب پوليس ليرا مڪڪي جي قتل جو ڪيس آئرش ري پبلڪن آرمي جي خلاف داخل ڪري ڇڏيو آهي، پوليس هن واقعي کي دهشتگردي جو واقعو قرار ڏنو آهي.

آئرلينڊ ۾ جهيڙي جو بنيادي سبب اهو آهي ته آئرش (انتهاپسند) لنڊن ڊيري کي صرف ڊيري چوڻ چاهين ٿا جڏهن ته ٻين شهرين جي خيال ۾ شهر کي پراڻي نالي لنڊن ڊيري سان سڏڻ وڌيڪ بهتر رهندو.

LEAVE A REPLY