ايف آءِ اي کي ايم ڪيو ايم ۽ ڪي ڪي ايف جي آفيسن تي ڇاپن جي اجازت

0
93
ATC KKF&MQM

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ ڪندڙ ايجنسي(ايف آءِ اي) ايم ڪيو ايم ۽ خدمت خلق فائونڊيشن(ڪي ڪي ايف) جي آفيسن ۽ بينڪ اڪائونٽسن جي جاچ ڪري سگهي ٿي، ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ايم ڪيو ايم ۽ ڪي ڪي ايف جي آفيسن تي ڇاپن جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

ڪيس ۾ ملوث ايم ڪيو ايم باني، اڳوڻي سينيٽر بابر غوري ۽ ٻيا ڏوهاري مفرور آهن، عدالت باني ايم ڪيو ايم، بابر غوري ۽ ٻين جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت خدمت خلق فائونڊيشن جي خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي جي درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي.

عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ بينڪن ۽ ڪي ڪي ايف جي آفيسن جي جاچ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

اڳوڻي  ايم ڪيو ايم جي سينيٽر احمد علي جي ضمانت کان اڳ گرفتاري تي ڏوهاري جي غير حاضري سبب اڃ به فيصلو نه ٻڌايو ويو.

اڳوڻي سينيٽر احمد علي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ان جي موڪل جي طبيعت خراب آهي جنهن سبب هو اڄ عدالت ۾ پيش نٿو ٿي سگهي، عدالت کي اپيل آهي ته ضمانت تي فيصلو ملتوي ڪيو وڃي.

عدالت رمارکس ڏنا ته درخواست تي فيصلو ڏوهارين جي موجودگي ۾ ٻڌايو ويندو، عدالت احمد علي جي ضمانت بابت درخواست تي فيصلو 29 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

ايف آءِ اي عدالت کي ٻڌايو ته مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي، اڳوڻو سينيٽر جاچ ۾ تعاون نه ڪري رهيوآهي.

 سينيٽر احمد علي جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ايف آءِ اي جڏهن به گهرايو اسان پيش ٿياسين.

ايف آءِ اي عدالت کي آگاهه ڪيو ته ٻين ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ به ڪوششون ڪيون پيون وڃن، معاملو ڪروڙين روپين جي مني لانڊرنگ کان وڌيڪ جو لڳي رهيو آهي، ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي سينيٽر احمد علي تي الزام آهي ته هن ڪروڙين روپين جي مني لانڊرنگ ڪئي آهي.

ايف آءِ اي عدالت کي درخواست ڪئي ته مني لانڊرنگ جي ڇان بين، بينڪن ۽ ايم ڪيو ايم جي آفيسن تي ڇاپا هڻڻ جي اجازت ڏني وڃي.

متحده باني ۽ ٻين خلاف ڪيس ۾ اڳڀرائي رپورٽ سيڪريٽري جوائنٽ انويسٽيگيشن جي طرفان جمع ڪرائي وئي آهي.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته متحده باني ۽ ٻين خلاف ڪيس ۾ پڪا ثبوت حاصل ڪيا ويا آهن، دستاويزاتي شاهدن جي تصديق برطانيا کان ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پرڏيهي وزير ذريعي دستاويزن جي تصديق ڪرائي پئي وڃي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته متحده باني جي گهر مان ملندڙ هٿيارن جي لسٽ جو فرانزڪ ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي، اسلحو ڪٿي استعمال ٿيو ان لاءِ فرانزڪ جي لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي لسٽ موڪلي وئي آهي.

ڪيس ۾ ملوث ايم ڪيو ايم باني، اڳوڻو سينيٽر بابر غوري ۽ ٻيا ڏوهاري مفرور آهن، عدالت ايم ڪيو ايم باني، اڳوڻي سينيٽر بابر غوري ۽  ٻين مفرور ڏوهارين خلاف گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

ياد رهي ته ايف آءِ اي 2017 ۾ ڪي ڪي ايف جي ذريعي ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي خلاف پنج لک پائونڊ جي مني لانڊرنگ تي جاچ جي شروعات ڪئي هئي.

LEAVE A REPLY