سريلنڪا جي گرجا گهرن ۽ هوٽلن ۾ 6 ڌماڪا، 156 ڄڻا مارجي ويا

0
74
Srilanka Blast

ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) سريلنڪا ۾ ايسٽر جي تقريبن دوران ٽن گرجا گهرن ۽ ٽن هوٽلن ۾ ڌماڪن جي نتيجي ۾ 35 پرڏيهين سميت  156 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 300 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

تفصيل موجب سريلنڪا جي راڄڌاني واري شهر ڪولمبو ۾ ايسٽر جي موقعي تي دهشتگردي جي وڏي ڪارروائي سامهون آئي آهي جتي ٽن گرجا گهرن ۽ ٽن هوٽلن کي نشانو بڻايو ويو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪارروائي ۾ ڪوچيڪاڊي، سينٽ سيبسٽن ۽ بيٽيڪولا چرچ ۾ ان وقت ڌماڪا ٿيا جڏهن ماڻهو مذهبي عبادت ۾ مصروف هئا.

ڪولمبو ۾ هي شانگري هوٽل، سينيمين گرانڊ ۽ ڪنگسبري هوٽل ۾ به ڌماڪا ٿيا  جڏهن ته اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪن ۾ 300 ماڻهون زخمي ٿيا آهن ۽ فوتين جي انگ ۾ واڌ جو امڪان به آهي.

LEAVE A REPLY