مشهور شاعر ڊاڪٽر علامه اقبال جي 81هين ورسي ملهائي پئي وڃي

0
44
AllamaIqbal

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مشهور شاعر ڊاڪٽر علامه اقبال جي 81هين ورسي اڄ پوري ملڪ ۾ ملهائي پئي وڃي.

علامه اقبال کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ سندس مزار تي وڏي تعداد ۾ پاڪستاني حاضري ڀري رهيا آهن جتي قرآن خواني ۽ فاتحه خواني جو سلسلو به جاري آهي، عقيدتمندن جي وڏي تعداد سندس مزار تي گلن جون چادرون ۽ پتيون وجهي رهي آهي.

علامه اقبال9 نومبر 1877  ۾ سيالڪوٽ ۾ شيخ نور محمد جي گهر پيدا ٿيو.

گهر وارن سندس نالو محمد اقبال رکيو شروعاتي تعليم سيالڪوٽ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ مشن هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ ڪيائين ۽ مري ڪاليج سيالڪوٽ مان ايف اي جو امتحان پاس ڪيائين.

ايف اي ڪرڻ کان پوءِ پاڻ لاهور اچي ويو جتي گورنمنٽ ڪاليج لاهور مان بي اي ۽ ايم اي جا امتحان پاس ڪيائين.

مشهور شاعر اوڻيهه سو پنج ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ انگيلنڊ ويو ۽ اتان قانون جي ڊگري حاصل ڪيائين.

لنڊن کانپوءِ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ هو جرمني ويو جتان فلسفي ۾ پي ايڇ ڊي ڪيائين.

علامه اقبال شاعري سان گڏ وڪالت به ڪئي ۽ ملڪ جي سياسي تحريڪن ۾ به حصو ورتائين، اوڻيهه سو ٻاويهه ۾ برطانيا جي حڪومت پاران کيس سر جو خطاب ڏنو ويو.

علامه اقبال آل انڊيا مسلم ليگ جو صدر به چونڊيو ۽ اوڻيهه سو ٽيهه ۾ الهه آباد جو مشهور تاريخي خطبو به پاڻ ڏنائين.

علامه اقبال 21 اپريل 1938 ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس آخري آرام گاهه لاهور ۾ آهي.

LEAVE A REPLY