ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ غلط انجيڪشن لڳڻ سبب ٻارڙي فوت

0
42
doctors injection

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ غلط انجيڪشن لڳڻ سبب 4 ورهين جي ٻارڙي فوت ٿي وئي آهي.

تفصيل موجب هڪ ٻئ ٻارڙي مبينا طور تي ڊاڪٽر جي غفلت جو شڪار ٿي وئي، ڪورنگي بلال ڪالوني ۾ غلط انجيڪشن لڳڻ سبب 4 ورهين جي معصوم ٻارڙي فوت ٿي وئي آهي.

پوليس اختيارين واقعي ۾ ملوث خانگي اسپتال جي ڊاڪٽر کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته شام جي وقت ٻارڙي کي اسپتال آندو ويو هو، ڊاڪٽر ٻارڙي کي سيپوٽيڪس جو انجيڪشن هنيو هو.

پوليس موجب عمران نالي ڊاڪٽر گذريل ٻن سالن کان اسپتال ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.

ٻارڙي جي والد الزام مڙهيو آهي ته ڌيءَ جي موت ڊاڪٽر جي غلط انجيڪشن لڳائڻ ڪري ٿي آهي.

ياد رهي ته چار ڏينهن اڳ ڪورنگي نمبر 5 ۾ سنڌ گورنمنٽ اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب 19 ورهين جي نينگري فوت ٿي وئي هئي.

LEAVE A REPLY