ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجرز جون ڪارروائيون، 2 ڏوهاري گرفتار

0
73
Karachi Rangers

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي ۾ رينجرز ڪارروائيون ڪندي ٻن ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

تفصيل موجب ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۽ نيو ڪراچي ۾ رينجرز ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي دوران ڦر ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ترجمان رينجرز مطابق ڪارروائين دوران فرحان حسين عرف ڪالا ۽ محمد فرقان عرف ڊبي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدار ڦر ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث آهي.

رينجرز جي ترجمان ٻڌايو ته جوابدارن جي گرفتاري  سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان ڪئي وئي، جوابدار پهرين اپريل تي نيو ڪراچي ۾ ڦر جي ڏوهه ۾ ملوث آهن.

ترجمان موجب جوابدارن کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

LEAVE A REPLY