غلط انجيڪشن لڳڻ سبب مفلوج بڻيل نشوا زندگي جي جنگ هارائي وئي

0
74
Nishwa case

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) غلط انجيڪشن لڳڻ سبب دماغي طور تي مفلوج بڻيل معصوم ٻارڙي نشوا زندگي جي جنگ هارائي وئي.

 ڪراچي جي اسٽيڊيم روڊ تي واقع لياقت نيشنل اسپتال ۾ علاج هيٺ معصوم ٻارڙي نشوافوت ٿي وئي آهي،جڏهن ته اسپتال جي ترجمان به ان خبر جي تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته معصوم ٻارڙي جو دماغ 71 سيڪڙو مفلوج ٿي ويو هو.

 نشواکي 6 اپريل تي گلستان جوهر جي دارالصحت اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو جتي غلط انجيڪشن لڳڻ سبب هوءَ دماغي طور تي مفلوج ٿي وئي هئي.

غلط انجيڪشن جو معاملو سامهون اچڻ کان پوءِ ٻارڙي کي 13 اپريل تي اسٽيديم روڊ تي واقع لياقت نيشنل اسپتال منتقل ڪيو ويو.

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نشواجي فوت ٿيڻ تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان موجب وڏي وزير  نشوا جي ٻاهرين ملڪ مان علاج جي لاءِ پلان ٺاهيو هو.

مراد علي شاهه چيو ته دعا آهي ته الله تعاليٰ ٻارڙي جي ماءُ پيءُ کي صبر عطا فرمائي، نشواجي گهر وارن سان انصاف ٿيندو.

LEAVE A REPLY