جعلي اڪائونٽس ڪيس: نئون ديرو هائوس جي انچارج نديم ڀٽو جو راهداري رمانڊ منظور

0
67
Nadeem Bhutto Remand

سکر (ويب ڊيسڪ) سکر جي عدالت نئون ديرو هائوس جي انچارج نديم ڀٽو جو راهداري رمانڊ منظور ڪري ورتو.

تفصيل موجب سکر جي احتساب عدالت جو جج موڪل تي هجڻ ڪري نيب ٽيم طرفان جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتار نئون ديرو هائوس جي انچارج نديم ڀٽو کي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سکر جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

عدالت نيب جي درخواست تي نديم ڀٽو جو 5 ڏينهن جو راهداري رمانڊ منظور ڪري ورتو، جڏهن ته عدالت طرفان جوابدار کي نيب راولپنڊي آڏو پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب نيب سکر طرفان نئون ديرو هائوس جي انچارج نديم ڀٽو کي اڄ ئي اسلام آباد منتقل ڪيو ويندو.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن نيب سکر جي ٽيم نئين ديري ۾ ڪارروائي ڪري نئون ديرو هائوس جي انچارج نديم ڀٽو کي گرفتار ڪري ورتو هو.

نيب اختيارين جو چوڻ آهي ته نديم ڀٽو کي مني لانڊرنگ ۽ جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

ٻئي پاسي پاڪستان پيپلزپارتي نيب جي نئون ديرو هائوس تي ڇاپي جي ترديد ڪندي چيو آهي ته نديم ڀٽو نئون ديرو هائوس جو انچارج ناهي.

LEAVE A REPLY