مشهور اداڪارمعين اختر جي اڄ اٺين ورسي ملهائي پئي وڃي

0
128
MoinAkhtar

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي شهر کي جيڪڏهن بهترين ذهنن جي زمين چيو وڃي ته اهو اجايو نه هوندو، ڪراچي جا رهواسي  پنهنجي علمي ۽ فني صلاحيتن جي ڪري پوري دنيا ۾ سڃاتا ويندا آهن.

 ان مان ئي هڪ عظيم ۽ مشهور اداڪار معين اختر به آهي جيڪو ڪراچي ۾ پيدا ٿيو ۽ پاڪستان ٽيليويزن اسڪرين تي ڪيترن سالن تائين ڇانيل رهيو، معين اختر هن وقت اسان ۾ موجود ناهي  پر اڄ به هزارين دلين جي ڌڙڪن آهي، اڄ معين اختر جي اٺين ورسي ملهائي پئي وڃي.

معين اختر بهترين اداڪار، ميزبان، پروڊيوسر، ڊائريڪٽر ۽ گلوڪار جي طور تي سڃاتو ويندو آهي. هن ريڊيو، ٽي وي، فلم ۾ پنهنجي  بهترين صلاحيتن جا اعليٰ جوهر ڏيکاريا.

24 ڊسمبر 1950ع ۾ ڪراچي ۾ پيدا ٿيندڙ معين اختر  16 سالن جي عمر ۾ پنهنجي فني سفر جي شروعات اسٽيج ڊرامن کان ڪئي.

معين اختر  پهريون دفعو 6 سيپٽمبر 1966ع تي پهريون پروگرام ڪري شوبز جي دنيا ۾ پهريون قدم رکيو، معين اختر جڏهن به ڪاميڊي ڪندو هو ته هميشه مرجهايل چهرن تي به خوشي جا گل اُڀاري ڇڏيندو هو.

اسٽيج ڊراما (بڊها گهر پر هي) ۽ (بڪرا قسطون پر) معين اختر کي شهرت جي بلندين تائين پهچائي ڇڏيو.

معين اختر نسواني ڪردار روزي ادا ڪيو ته ان ۾ پاڻ کي ايترو ته گم ڪري ڇڏيائين جو ماڻهو کيس روزي سمجهڻ لڳا، معين اختر 1974 ۾ فلم تم سا نهين ديکها، مسٽر ڪي ٽو ۽ مسٽر تا بعدار ۾ به پنهنجي ڪم سبب ڏسندڙن کي لطف اندوز ڪيو، معين اختر کي پرائڊ آف پرفارمنس ۽ ستاره امتياز سان به نوازيو ويو.

پاڪستان جي لاءِ فخر جو سبب بڻجندڙ معين اختر 61 سالن جي عمر ۾ 22 اپريل 2011ع ڪراچي ۾ دل جي دوري پوڻ سبب فوت ٿي ويو هو پر سندس يادون اڄ به ڪروڙين چاهيندڙن جي دلين ۾ زنده آهن.

LEAVE A REPLY