پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ جو امڪان

0
83
Petrol Price

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ۽ برطانوي خام تيل جي في بيرل قيمتن ۾ هڪ ڊالر کان وڌيڪ جو اضافو ٿيو آهي جنهن کانپوءِ پاڪستان ۾ به پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

برطانوي خام تيل جي في  بيرل قيمت هڪ ڊالر 90 سينٽ اضافي سان 73 ڊالر 90 سينٽ ٿي وئي آهي ۽ آمريڪي خام تيل جي في بيرل قيمت ۾ به هڪ ڊالر 70 سينٽ جي واڌ ٿي آهي.

معاشيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته بين الاقوامي سطح تي خام تيل جي قيمتن ۾ اضافي سان پاڪستان ۾ به پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اثر پوندو،  پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ 3 کان 5 روپيا واڌ ٿي سگهي ٿي.

LEAVE A REPLY