عصمت قتل ڪيس: وڏي وزير مراد علي شاهه نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب

0
182
JusticeForAsmat

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ 19 سالن جي ناري سان ڏاڍائي کانپوءِ قتل واري واقعي جو وڏي وزير مراد علي شاهه نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

تفصيل موجب ڏند جي سور جي علاج لاءِ سنڌ گورنمنٽ اسپتال ڪورنگي نمبر 5 ۾ پهتل ابراهيم حيدري جي رهواسڻ  نوجوان ناري عصمت جوڻيجو کي اسپتال جي ڪمپائونڊر شاهزيب ۽ سندس ساٿي ٽيڪنيشن ڏاڍائي جو نشانو بڻائي زهر جي انجيڪشن لڳائي قتل ڪري ڇڏيو هو.

وڌيڪ پڙهو:ڪراچي ۾ ڏندن جي علاج لاءِ آيل ناري زندگي وڃائي ويٺي

ناري جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڏائي ۽ کيس زهر جي انجيڪشن لڳائي قتل ڪرڻ جي تصديق پڻ ڪئي وئي آهي.

پوليس اسپتال جي ڪمپائونڊر شهزاد ۽ سندس ساٿي ٽيڪنيشن کي گرفتا رڪري ورتو آهي، جڏهن ته عصمت کي زهر جي انجيڪشن لڳائيندڙ ڊاڪٽر اياز فرار ٿي ويو آهي.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي پوليس جي اعليٰ اختيارين کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

LEAVE A REPLY