ٿر ۾ معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت

0
90
Thar Childern Died

مٺي (ويب ڊيسڪ) ٿر ۾ معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، وڌيڪ 3 ٻار فوت ٿي ويا آهن.

تفصيل موجب خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي سول اسپتال مٺي، تعلقي اسپتال ڏيپلو ۽ تعلقي اسپتال ڇاڇرو ۾وڌيڪ  هڪ هڪ ٻار فوت ٿي ويو.

ٿر ۾ هلندڙ سال دوران فوت ٿي ويل ٻارڙن جو انگ وڌي 273 ٿي ويو آهي.

جڏهن ته ٿرپارڪ ضلعي جي مختلف اسپتالن ۾ ڪيترائي ٻار داخل آهن، جتي ڊاڪٽرن جي کوٽ ۽ سهولتن جي اڻهوند سبب ٻارڙن جي فوتگين ۾ اضافو ٿي ويو آهي.

ماروئڙن جو چوڻ آهي ته ٿرپارڪر جي سمورين سرڪاري اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ برقرار آهي ۽ حڪومت سندن مالي سهائتا به ناهي ڪئي.

LEAVE A REPLY