پشاور ۾ پوليو جا قطرا پيئڻ سبب ڪيترن ئي ٻارڙن جي حالت خراب

0
72
Peshawar Polio

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ پوليو جا قطرا پيئڻ سبب ڪيترن ئي ٻارڙن جي حالت خراب ٿي وئي آهي، ٻارڙن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

تفصيل موجب پشاور جي علائقي بڊهه پير ماشوخيل ۾ دارالقلم نالي اسڪول ۾ ٻارڙن جي پوليو جا قطرا پيئڻ سبب حالت خراب ٿي وئي، ٻارڙن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

 پوليس موجب پوليو جا قطرا پيئڻ کانپوءِ ٻارڙن کي مٿي ۾ چڪر اچڻ جي شڪايت هئي، پوليو جا قطرا پيئڻ سبب 20 کان 25 ٻارڙن جي حالت خراب ٿي وئي آهي.

واقعي خلاف ماشوخيل ۽ آسپاس جي علائقن جا سوين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا ۽ ڊي ايڇ ڪيو ماشو خيل اسپتال تي حملو ڪندي اندر گهڙي ويا.

مظاهرين آفيس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ اسپتال کي باهه ڏئي ڇڏي.

 اسپتال انتظاميا موجب ٻارڙن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.

LEAVE A REPLY