اسان جو سليڪٽڊ وزيراعظم نالائق ۽ نااهل آهي: بلاول ڀٽو زرداري

0
80
Bilawal Bhutto Zardari

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان جو سليڪٽڊ وزيراعظم نالائق ۽ نااهل آهي.

تفصيل موجب اسد قيصر جي صدارت هيٺ ٿيل قومي اسيمبلي اجلاس ۾ تقرير ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گذريل اجلاس ۾ منهنجي خلاف هڪ وزير ڪجهه لفظ چيا، ان حوالي سان پنهنجي وضاحت پيش ڪرڻ چاهيان ٿو.

هن چيو ته مان گڏيل اجلاس ۾ ڀارتي قصائي وزيراعظم جي حوالي سان چيو هو ته هو گجرات جو قصائي آهي ۽ مودي چونڊون کٽڻ لاءِ ايٽمي جنگ شروع ڪرڻ چاهي ٿو پر منهنجي غير موجودگي ۾ هڪ وزير غير مناسب لفظ استعمال ڪيا، اهو بلڪل نامناسب آهي ته ڪنهن وزير جي غير موجودگي ۾ ان تي ڳالهايو وڃي.

سندس چوڻ هو ته مون لاءِ ملڪ دشمن جا لفظ استعمال ڪيا ويا، اسان لاءِ اهڙا الزام ڪا نئين ڳالهه ناهي، شهيد بينظير ڀٽو، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ فاطما جناح کي ملڪ دشمن چيو ويو.

بلاول ڀٽو هڪ ڀيرو ٻيهر چيو ته حڪومت جي هڪ وزير جا دهشتگردن سان لاڳاپا آهن، حڪومت دهشتگردن خلاف ڪارروائي ۾ سنجيده آهي ته ان وزير کي ڪڍڻو پوندو، دنيا کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان جو گهرو وزير دهشتگردن سان لاڳاپا رکي ٿو.

پ پ چيئرمين چيو ته جمهوريت دشمن وزير اسان کي خطرو سمجهن ٿا، جيڪڏهن اهي سمجهن ٿا ته انهن جي گارين سان اسان خاموش ٿي وينداسين ته اهو ممڪن ناهي.

هن چيو ته جڏهن اسان ضياءَ ۽ مشرف جهڙن آمرن کان نه ڊڳاسين ته ڪٺ پتلي ڇا ڪندا، اسان انهن جي غريب دشمن پاليسين کي بي نقاب ڪندا رهنداسين.

بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي ناڻي واري وزير اسد عمر کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته اهو شخص ڪالعدم تنظيمن سان گڏجي چونڊ وڙهندو آهي، اهو پڙهيو لکيو جاهل شخص آهي، اهو نااهل ۽ نالائق شخص آهي.

LEAVE A REPLY