سريلنڪا ۾ ڌماڪا: فوتين جوا انگ وڌي 310 ٿي ويو

0
44
SriLanka Blast

ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) سريلنڪا ۾ ايسٽر جي تقريبن دوران ٽن گرجا گهرن ۽ چار هوٽلن ۾ اٺ ڌماڪن جي نتيجي ۾ 35 پرڏيهين سميت  310 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 500 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

تفصيل موجب سريلنڪا جي راڄڌاني واري شهر ڪولمبو ۾ ايسٽر جي موقعي تي دهشتگردي جي وڏي ڪارروائي سامهون آئي آهي جتي ٽن گرجا گهرن ۽ چار هوٽلن کي نشانو بڻايو ويو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪارروائي ۾ ڪوچيڪاڊي، سينٽ سيبسٽن ۽ بيٽيڪولا چرچ ۾ ان وقت ڌماڪا ٿيا جڏهن ماڻهو مذهبي عبادت ۾ مصروف هئا.

ڪولمبو ۾ هي شانگري هوٽل، سينيمين گرانڊ،ڪنگسبري هوٽل ۽ ديهي والا چڙيا گهر ويجهو هوٽل ۾ ڌماڪا ٿيا  جڏهن ته اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪن ۾ 500 ماڻهون زخمي ٿيا آهن ۽ فوتين جي انگ ۾ واڌ جو امڪان به آهي.

پرڏيهي خابرو اداري سريلنڪن پوليس بابت ٻڌايو آهي ته ڌماڪن جي سلسلي ۾ گرفتار ماڻهن جو انگ 40 ٿي ويو آهي.

LEAVE A REPLY