عليم خان جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ نيب جو گهرو وزارت کي خط

0
36
Aleem Khan ECL

لاهور (ويب ڊيسڪ)  عليم خان جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ نيب گهرو وزارت کي خط لکي ڇڏيو آهي.

تفصيل موجب نيب طرفان خط چيئرمين نيب جسٽس ( ر ) جاويد اقبال جي منظوري کانپوءِ لکيو ويو آهي.

نيب خط ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته عليم خان خلاف آمدن کان وڌيڪ اثاثن ۽ آف شور ڪمپنين بابت جاچ هلي رهي آهي، عليم خان 30 اپريل تائين جوڊيشل رمانڊ تي آهي، عليم خان کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ لاءِ سندس نالو اي سي ايل ۾ وڌو وڃي .

ياد رهي ته حڪمران جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف جو اڳواڻ عليم خان 6 فيبروري کان نيب جي حراست ۾ آهي، نيب ان وقت جي صوبائي وزير عليم خان کي آف شور ڪمپنين جي اسڪينڊل ۾ گرفتار ڪيو هو.

LEAVE A REPLY