پشاور ۾ پوليو کان بچاءَ واري مهم کي بدنام ڪرڻ جي سازش ڪندڙ جوابدار گرفتار

0
37
Peshawar Polio Issue

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ پوليو کان بچاءَ واري مهم کي بدنام ڪرڻ جي سازش ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدار نذر محمد ويڪسين کي خراب ڏيکارڻ کاءِ صحت مند ٻارن کان بي هوشي جي ايڪٽنگ ڪرائي هئي.

تفصيل موجب پشاور ۾ پوليو کان بچاءَ واري مهم کي بدنام ڪرڻ جي سازش بي نقاب ٿي وئي ، ٻارڙن کان بي هوشي جو ڊرامو ڪرائڻ جي وڊيو وائرل ٿيڻ تي پوليس به حرڪت ۾ اچي وئي ۽ ٻارن کان بي هوشي جو ڊرامو ڪرائيندڙ جوابدار نذر محمد کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

خراب ويڪسين فلاپ ڊرامي جو ڊراپ سين سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ شخص ٻارن کي زوري بستر تي ليٽائي بي هوشي جو ڊرامو رچائي رهيو آهي پر ٻار صحت مند نظر اچي رهيا آهن.

 

گذريل ڏينهن پشاور ۾ پوليو ويڪسي نيشن سان ٻارن جي حالت خراب ٿيڻ جي افواهن کلبلي مچائي ڇڏي هئي ۽ عوام وڏي انگ ۾ اسپتالن ۾ پهچي وئي هئي.

ماشو خيل ۾ افواهن تي ماڻهن مرڪزي صحت ۾  ڀڃ ڊاهه ڪرڻ کانپوءِ ان کي باهه ڏئي ڇڏي هئي، جنهن کانپوءِ 12 مڇريل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

LEAVE A REPLY