بدين ۾ ماسترياڻي کي تنگ ڪندڙ استاد فدا حسين سيال دوست سوڌو گرفتار

0
63
Badin harassment

بدين (ويب ڊيسڪ) بدين ضلعي جي شهر نندي ۾ عورت انويجيليٽر کي فون تي تنگ ڪندڙ استاد کي دوست سوڌو پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.

تفصيل موجب بدين ضلعي جي نندو شهر جي گورنمنٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ امتحاني سينٽر جي گرلز بلاڪ ۾ ڊيوٽي ڪندڙ مسمات (صائقه ڪنڀار) کي فون ڪري تنگ ڪندڙ  ماستر فداحسين سيال ۽ سندس دوست بشير خاصخيلي پوليس هٿان گرفتار ٿي ويا آهن.

پوليس ماستر فداحسين سيال ۽ سندس دوست بشير خاصخيلي کي گرفتار ڪري ماڊل ٿاڻي جي لاڪپ ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي.

 

عورت انويجيليٽر ٻڌايو ته گورنمنٽ هائير سيڪنڊري اسڪول جو استاد فدا حسين سيال ۽ سندس دوست بشير خاصخيلي پاڻ کي ڊي سي بدين جو پي اي ڄاڻائي مختلف نمبرن تان فون ڪري دوستي رکڻ لاءِ زور ڀرين ٿا ۽ کيس هراسان توڙي بليڪ ميل ڪن ٿا.

ماسترياڻي طرفان اهڙي شڪايت تي ڊي سي بدين پوليس ذريعي جوابدارن جا نمبرز ٽريس ڪرايا، جنهن کانپوءِ الزام هيٺ آيل ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ماڊل ٿاڻي بدين ۾ لاڪپ ڪيو ويو آهي.

LEAVE A REPLY