عمران خان جاپان کي جرمني سان ملائي ڇڏيو، بلاول جي تنقيد

0
57

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ٻئي عالمي جنگ کانپوءِ جاپان ۽ جرمني جي سرحدي واپار بابت وزيراعظم عمران خان جي بيان تي مٿس سخت تنقيد ٿي رهي آهي. 

وزيراعظم عمران خان ايران جي دوري دوران مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن توهان هڪ ٻئي سان واپار ڪندا ته توهان جا لاڳاپا پاڻ مضبوط ٿي ويندا.

وزيراعظم عمران خان چيو ته ٻئي عالمي جنگ دوران لکين سويلين ماڻهو مارجي ويا ۽ جرمني ۽ جاپان فيصلو ڪيو ته سرحد تي گڏيل واپاري صنعت لڳائي ويندي.

ياد رهي ته جاپان ۽ جرمني ۾ 5 هزار 500 ميل جو فاصلو آهي، جرمني يورپ ۽ جاپان ايشيا کنڊ جي اوڀر ۾ قائم آهي.

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم عمران خان جي بيان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڪيڏي افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته اسان جو وزيراعظم سمجهي ٿو ته جرمني ۽ جاپان جي سرحد پاڻ ۾ ملي ٿي.

هن چيو ته ائين تڏهن ٿيندو جڏهن آڪسفورڊ يونيورسٽي وارا رڳو ڪرڪيٽ جي بنياد تي ماڻهن کي داخلا ڏيندا.

LEAVE A REPLY