جعلي اڪائونٽس ڪيس: نيب راولپنڊي وڌيڪ 6 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

0
53
NAB Rawalpindi

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) راولپنڊي جي برانچ ڊاڪٽر ڊنشاهه سوڌو 6ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب ڊاڪٽر ڊنشاهه کي بحريه آئيڪون ٽاور ڪيس ۾ ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو آهي، ڊاڪٽر ڊنشاهه گليڪسي ڪنسٽرڪشن ڪمپني جو شيئر هولڊر آهي.

ڄاڻ مطابق نيب جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس ۾ ڪراچي مان وڌيڪ 5 ڄڻن کي به گرفتار ڪيو آهي، گرفتار جوابدارن ۾ نذير جوکيو، محمد اقبال جوکيو، غلام دستگير جوکيو، امام بخش ۽ ميان بخش شامل آهن، پنجن ئي جوابدارن کي نيب سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري  مان گرفتار ڪيو آهي، جوابدارن کي جلد ڪراچي کان اسلام آباد منتقل ڪيو ويندو.

ياد رهي ته نيب ڪراچي ۾ بحريه آئيڪون ٽاور لاءِ زمين الاٽ ڪرڻ بابت جاچ ڪري رهيو آهي، سپريم ڪورٽ طرفان جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس جي جاچ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو هو ته آئيڪون ٽوون ٽاورز لاءِ باغ ابن قاسم ڪلفٽن ڪراچي ۾ 7900 مربع گز زمين سنڌ حڪومت ۽ گليڪسي ڪنسٽرڪشن پرائيويٽ لميٽڊ جي مدد سان ڏني وئي.

LEAVE A REPLY