پاڪ فوج ۾ اعليٰ سطحي بدليون ۽ مقرريون

0
86
Pak Army

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪ فوج ۾ اعليٰ سطحي بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن. ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد کي جي ايڇ ڪيو ۾ ايڊجوٽينٽ جنرل مقرر ڪيو ويو آهي.

آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب ليفٽيننٽ جنرل اظهر عباس کي ڊي جي جوائنٽ اسٽاف مقرر ، ليفٽيننٽ جنرل نعمان کي آءِ جي ڪميونيڪشن اينڊ آءِ ٽي مقرر ڪيو ويو آهي.

ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا وائس چيف آف جنرل اسٽاف جون ذميواريون جاري رکندو جڏهن ته ليفٽيننٽ عدنان کي بهاولپور جو ڪور ڪمانڊر مقرر ڪيو ويو آهي.

LEAVE A REPLY