بلاول ۽ ڪجهه دانشور وزيراعظم جي ڳالهه کي شايد سمجهي ناهن سگهيا: افتخار دراني

0
66
Iftikhar Durrani

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) افتخار دراني بلاول ڀٽو کي حادثاتي چيئرمين  قرار ڏيندي چيو آهي ته وزيراعظم ٻنهي ملڪن کي پاڙيسري ناهي چيو پر صنعتي زون ٺاهڻ جو ذڪر ڪيو هو.

رپورٽ موجب وزيراعظم جي خصوصي معاون افتخار دراني بلاول ڀٽو جي ٽوئيٽ تي پنهنجو رد عمل ڏيندي سوال اٿاريو آهي ته عمران خان ڪڏهن چيو آهي ته جرمني ۽ جاپان پاڙيسري آهن؟ افتخار دراني موجب وزيراعظم چيو هو ته  ٻنهي ملڪن جي باڊرن تي صنعتي زون ٺاهينداسين.

وڌيڪ پڙهو:عمران خان جاپان کي جرمني سان ملائي ڇڏيو، بلاول جي تنقيد

بلاول ڀٽو ۽ ڪجهه دانشور وزيراعظم جي ڳالهه کي شايد سمجهي ناهن سگهيا.

Iftikhar Durrani

افتخار دراني بلاول ڀٽو تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته عوام جي ڦريل پئسن مان اوهان جي آڪسفورڊ يونيورسٽي مان حاصل ڪيل ڊگري به ضايع ٿي وئي آهي.

LEAVE A REPLY