عصمت جوڻيجو جي طبيعت 15 ايم ايل جو انجيڪشن لڳڻ ڪري خراب ٿي: رپورٽ

0
197
Asmat Junejo Case

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي نمبر پنج جي سنڌ گورنمنٽ اسپتال ۾ غلط انجيڪشن لڳڻ ڪري فوت ٿيندڙ عصمت جوڻيجو جي ميڊيڪل رپورٽ سامهون اچي وئي.

ايم ايس ڪورنگي اسپتال طرفان جوڙيل ٽي رڪني ڪميٽي صحت کاتي کي اماڙيل پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته شاهزيب نالي ڇوڪري عصمت کي 10 ايم ايل جو انجيڪشن هنيو ۽ ڪجهه ئي دير کانپوءِ 5 ايم ايل جو هڪ ٻيو انجيڪشن لڳائي ڇڏيو جنهن سبب ناري جي طبيعت خراب ٿي وئي.

رپورٽ موجب ناري ڏندن جي سور جو علاج ڪرائڻ لاءِ اسپتال آئي هئي، جتي 15 ايم ايل جو انجيڪشن لڳڻ سبب سندس طبيعت خراب ٿي، طبيعت خراب ٿيڻ تي عصمت کي ايمرجنسي ۾ موڪليو ويو ۽ ايمرجنسي جي ڊاڪٽر عصمت جوڻيجو کي دل جي ڊاڪٽر ڏانهن موڪلي ڇڏيو.

ٽي رڪني ڪميٽي  ۾ سربراهه ڊاڪٽر فوزيه معين، ڊاڪٽر حسن علوي ۽ ڊاڪٽر سعيد شامل آهن، ٻئي پاسي پوليس به واقعي بابت جاچ ڪري رهي آهي.

عصمت جي وارثن پاران عوامي ڪالوني پوليس جي جاچ تي بي اعتمادي جي اظهار کانپوءِ جاچ ابراهيم حيدري ٿاڻي منتقل ڪئي وئي آهي.

ياد رهي ته گذريل هفتي ڪورنگي جي سنڌ گورنمنٽ اسپتال ۾ عملي جي غفلت ڪري عصمت جوڻيجو زندگي جي جنگ هارائي وئي هئي.

جاچ موجب ناري جي موت کانپوءِ ٽي ڪلاڪن تائين مڙهه کي ٽي بي وارڊ ۾ رکيو ويو هو ۽ مبينا طور تي ٻن ڄڻن عصمت کي پنهنجي هوس جو نشانو بڻايو هو.

LEAVE A REPLY