وفاقي پوليس جا ٽي اهلڪار منشيات وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث نڪتا

0
35
Islamabad Police

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي راڄڌاني واري شهر اسلام آباد ۾ پوليس، ريسڪيو 15 ۽ اينٽي ڪار لفٽنگ سيل جا ٽي اهلڪار منشيات وڪرو ڪرڻ ۾ ملوث نڪتا آهن.

اينٽي نارڪوٽيڪس فورس جي نشاندهي تي ڪانسٽيبل فهيم گل ۽ شاهه نواز کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته نشاط احمد فرار آهي.

ڄاڻ موجب وفاقي پوليس جي ٽن اهلڪارن منشيات وڪرو ڪندڙن کان هٿ ڪيل هڪ ڪلو آئيس ۽ ٻه ڪلو کان وڌيڪ چرس وڪرو ڪئي هئي.

جوابدار ريسڪيو 15، رمنا ٿاڻي ۽ اينٽي ڪارلفٽنگ سيل ۾ مقرر آهن، جوابدارن خلاف اسلام آباد جي رمنا ٿاڻي ۾ 9سي تحت ٻه ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

LEAVE A REPLY