پنجاب جي علائقي ڪلروالا ۾ فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا

0
35
Punjab Firing

چنيوٽ (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي علائقي ڪلروالا ۾ ٻن گروپن وچ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

تفصيل موجب پنجاب جي علائقي ڪلروالا ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

پوليس موجب جوابدار امجد ۽ ساٿين عورت کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي ٻنهي گروپن وچ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا قتل ٿي ويا آهن.

فائرنگ جي واقعي ۾ مارجي ويلن جا مڙهه اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.

LEAVE A REPLY