وزيراعظم اڄ ڏکڻ وزيرستان ۾ جلسي کي خطاب ڪندو

0
66
Imran Khan Waziristan

وانا (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان اڄ ڏکڻ وزيرستان جي ضلعي هيڊڪوارٽر وانا ۾ جلسي کي خطاب ڪندو.

تفصيل موجب ڏکڻ وزيرستان جي ضلعي وانا ۾ وزيراعظم عمران خان جي آمد ۽ جلسي جون تياريون مڪمل ڪيو ويون آهن.

وانا ۾ جلسي جي سيڪيورٽي لاءِ ليويز، اسڪائوٽس ۽ ملٽري جي اٽالن کي مختلف هنڌن تي مقرر ڪيو ويو آهي.

وزيراعظم عمران خان مڪين ۾ جرگي کي پڻ خطاب ڪندو، وزيراعظم ان کان اڳ قبائلي ضلعن ۾ چار وڏا جلسا ڪري چڪو آهي.

LEAVE A REPLY