ڊاڪٽر عافيه پاڪستان اچڻ نٿي چاهي: پرڏيهي آفيس جو ترجمان

0
157
mohammad faisal

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان جي حڪومت ڊاڪٽر عافيه صديقي جي واپسي واري معاملي کي ڏسي رهي آهي پر ڄاڻ موجب هوءَ پاڻ پاڪستان اچڻ نٿي چاهي.

آن لائن برطانوي اخبار دي انڊيپينڊنٽ اردو کي انٽرويو ۾ ڊاڪٽر فيصل جو چوڻ هو ته جيڪڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊٽرمپ ۽ وزيراعظم عمران خان جي مستقبل ۾ ملاقات ٿي ته ڊاڪتر عافيه صديقي ۽ شڪيل آفريدي جي بدلي واري معاملي تي ڳالهه ٿي سگهي ٿي پرڄاڻ موجب عافيه صديقي پاڻ پاڪستان اچڻ نٿي چاهي.

 ڊاڪٽر محمد فيصل وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي خارجه پاليسي سٺي هلي رهي آهي ۽ ڀارت جي عام چونڊن کانپوءِ نئين حڪومت سان تعلقاتن ۾ بهتري جي اميد آهي.

پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي ڳالهه تي ڊاڪٽر عافيه صديقي جي ڀيڻ ڊاڪٽر فوزيه صديقي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪو انئين چوي ٿو ته عافيه صديقي پاڪستان اچڻ نٿي چاهي ته اها مڪمل طور تي بي بنياد ڳالهه آهي.

ڊاڪٽر فوزيه چيو ته حڪومت طرفان عافيه جي آزادي بابت مارچ جي مهيني تائين خوشخبري جي ڳالهه ڪئي وئي هئي پر هاڻي وري خاموشي ڇانئجي وئي آهي.

LEAVE A REPLY