لعل شهباز قلندر جو 767 هون عرس مبارڪ اڄ کان سيوهڻ ۾ شروع

0
54
lal shahbaz qalandar

سيوهڻ: سنڌ جي مشهور صوفي بزرگ حضرت لعل شهباز قلندر جي 767 هين عرس جون ٽن ڏينهن واريون تقريبون اڄ کان شروع ٿينديون.

سڄي ملڪ مان زائرين ۽ عقيدت مندن جو وڏو انگ سندس مزار تي پهچي رهيو آهي ۽ هن سال 25 لک کان وڌيڪ زائرين جي آمد متوقع آهي.

عرس جي تقريبن جو باقاعدا آغاز گورنر سنڌ عمران اسماعيل حضرت لال شهباز قلندر جي مزار تي چادر چاڙهي ڪندو، عرس مبارڪ 18 کان 20 شعبان المعظم بمطابق 24، 25، 26 اپريل تائين جاري رهندو.

عرس جي موقعي تي سيڪيورٽي جا به انتظام سخت ڪيا ويا آهن، سنڌ پوليس جا 5 هزار ۽ رينجرز جا 200 جوان سيڪيورٽي تي مقرر ڪيا ويا آهن.

سيوهڻ ۾ ميلي جي مانيٽرنگ لاءِ 500 سي سي ٽي وي ڪئميرائون به لڳايون ويون آهن.

LEAVE A REPLY