پوليو کان بچاءَ واري مهم کي بدنام ڪرڻ جي سازش ڪندڙ وڌيڪ 9جوابدار گرفتار

0
63
Peshawar Polio Issue

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور جي علائقي ماشو خيل ۾ پوليو ويڪسين سان ٻارڙن جي طبيعت خراب ٿيڻ جو ڊرامو ۽ ان جي آڙ ۾ اسپتال کي باهه ڏيندڙ وڌيڪ 9 جوابدارن کي  پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.

ايس پي پشاور صاحبزاده سجاد جو چوڻ آهي ته صحت مرڪز ماشو خيل ۾ ڀڃ ڊاهه جي الزام هيٺ گرفتار ٿيل 9 ڄڻن ۾ اسڪول پرنسپل جو ڀاءُ به شامل آهي.

ايس پي پشاور موجب 9 جوابدارن کي وڊيو جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو آهي جن جي قبضي مان 2 ڪلاشنڪوف ۽ 2 پسٽل هٿ ڪيا ويا آهن جڏهن ته گرفتار ٿيل جوابدارن جو انگ 10 ٿي ويو آهي.

ياد رهي ته 22 اپريل تي پوليو جا قطرا پيئڻ سبب هڪ 100 کان وڌيڪ ٻارڙن جي طبيعت خراب ٿيڻ جو معاملو سامهون آيو هو جنهن تي مڇريل ماڻهن بي ايڇ يو ماشوخيل ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي هئي، پر وڊيو سامهون اچڻ کانپوءِ ڊرامو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

LEAVE A REPLY