وزيراعظم جو سريلنڪن هم منصب کي فون، دهشتگرد حملن جي مذمت

0
70
Imran Khan SriLanka Attacks

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان سريلنڪن هم مننصب رانل وڪرم سنگهي کي ٽيليفون ڪيو ۽ دهشتگرد حملن جي سخت مذمت ڪئي.

وزيراعظم عمران خان سريلنڪن هم منصب رانل وڪرم سنگهي کي ٽيليفون ڪيو ۽ ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حملن جي سخت مذمت ڪئي.

تفصيل موجب وزيراعظم عمران خان حملن ۾ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان جو عوام به دهشتگرد حملن تي ڏُکارو آهي، ڏک جي هن گهڙي ۾سريلنڪا سان گڏ آهيون.

وزيراعظم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ سريلنڪا کي سهڪار جي آڇ ڪندي چيو ته دهشتگردي سڄي دنيا جي امن کي نقصان پهچايو آهي ان جي ڪا به سرحد ۽ مذهب ناهي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪندا رهنداسين.

LEAVE A REPLY