ٿر ۾ موت جو راڪاس وڌيڪ ٽن ٻارڙن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو

0
74
three more children die in Thar

مٺي( رپورٽر ) مٺي جي سول اسپتال ۾ وڌيڪ ٽي معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ پوڻن چئن مهينن ۾ فوتي ٻارڙن جوانگ وڌي 279 ٿي ويو آهي، جڏهن ته اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ برقرار آهي.

تفصيل موجب ٿر ۾ غذائيت جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين سبب معصوم ٻارڙن جي فوتگين جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آهي، سول اسپتال مٺي ۾ اڄ وڌيڪ ٽي معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا.

ٿرپارڪر جي مختلف اسپتالن ۾ پوڻن چئن مهينن دوران فوتي ٻارڙن جو انگ وڌي 279 ٿي ويو آهي.

ماروئڙن جو چوڻ آهي ته ٿرپارڪر جي سمورين سرڪاري اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ برقرار آهي ۽ حڪومت سندن مالي سهائتا به ناهي ڪئي.

LEAVE A REPLY