نيپرا بجلي چار پئسا سستي ڪرڻ جي منظور ڏئي ڇڏي

0
58
NEPRA

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي ( نيپرا ) بجلي چار پئسا سستي ڪرڻ جي منظور ڏئي ڇڏي آهي.

تفصيل موجب سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي في يونٽ بجلي 16 پئسا مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي جنهن جي نيپرا ۾ ٻڌڻي ٿي.

نيپرا سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي جي درخواست رد ڪندي مارچ جي فيول پرائس ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ بجلي في يونٽ چار پئسا سستي ڪرڻ جي منظور ڏئي ڇڏي.

نيپرا موجب فيول پرائس ايڊجسٽمنٽ سان واهپيدارن کي 28 ڪروڙ رپين جو ريليف ملندو.

نيپرا پاران بجلي سستي ڪرڻ وارو فيصلو ڪي اليڪٽرڪ جي صارفين تي لاڳو نه ٿيندو.

LEAVE A REPLY