اڄ ملڪي حالتون آصف زرداري ۽ نواز شريف جي ڪري خراب آهن: شيخ رشيد

0
172
Shaikh Rasheed

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته عمران خان کي تباهه ٿيل حال ۾ معيشت ملي آهي، اڄ ملڪي حالتون آصف زرداري، نواز شريف ۽ شهباز شريف جي ڪري خراب آهن.

تفصيل موجب ريلوي هيڊ ڪوارٽر لاهور ۾  پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته عيدکانپوءِ وزيرن جي تبديليءَ جو امڪان آهي ۽ اسد عمر جلد ٻيهر ڪابينا ۾ اچي رهيو آهي، عمران خان کي تباهه ٿيل حال ۾ معيشت ملي آهي، اڄ ملڪي حالتون آصف زرداري، نواز شريف ۽ شهباز شريف جي ڪري خراب آهن،  گينگ آف فور ملڪ مان ڦرلٽ ڪئي آهي، سندن مطالبو آهي ته لنڊن وڃڻو آهي، هي فرشتن سان به ڊيل ڪندا.

هن چيو ته عمران خان جي ٻارڙن ۽ نواز شريف جي ٻارڙن ۾ فرق آهي، عمران خان جي گهر واري ملڪ ۾ آهي، ڪراچي سرڪلر ريلوي بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي 15 ڏينهن ۾ عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، ريلوي جي ايس پي کي حددخليون هٽائڻ جو هدف ڏنو آهي، سرڪلر ريلوي جي زمين تي حددخلين جي خاتمي لاءِ هرممڪن ڪوشش ڪئي ويندي، ان حوالي سان سنڌ سرڪار سان مڪمل سهڪارڪنداسين.

سندس چوڻ هو ته ڊيزل مهانگو ٿيڻ سبب ريلوي تي هڪ ارب رپين جو بار وڌي ويو آهي، تنهن ڪري ڀاڙن ۾ اضافو اڻٽر آهي، اڪنامي ڪلاس جو 50 رپين تائين ڀاڙو وڌائينداسين.

LEAVE A REPLY