اي پي ايم ايل پرويز مشرف جي صحت بابت خبرون جي ترديد ڪري ڇڏي

0
591
pervez musharraf

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آل پاڪستان مسلم ليگ (اي پي ايم ايل) اڳوڻي صدر جنرل (ر) پرويز مشرف جي صحت جي حوالي سان هلندڙ گمراهه ڪندڙ خبرون جي ترديد ڪري ڇڏي.

اي پي ايم ايل جي سيڪريٽري جنرل مهرين آدم ملڪ پنهنجي وضاحتي بيان ۾ چيو آهي ته پرويز مشرف بابت گمراهه ڪندڙ افواهن ۾ ڪابه صداقت ناهي.

سندس چوڻ هو ته اڳوڻي صدر پرويز مشرف بلڪل ٺيڪ آهي ۽ دبئي ۾ علاج هيٺ آهي، سڀئي خيرخواهه پرويز مشرف جي صحت يابي لاءِ دُعا ڪن.

LEAVE A REPLY