آمريڪي صدر ڊولڊ ٽرمپ ايران تي حملي جو حڪم ڏئي واپس وٺي ڇڏيو

0
83
America & Iran Issue

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي پهريون حملي جو حڪم ڏنو پوءِ واپس وٺي ڇڏيو. 

پرڏيهي ميڊيا موجب وائيٽ هائوس جي سينئر اختيارين ٻڌايو ته ويجهي ٽارگيٽ کي نشانو بڻائڻ لاءِ حملي جي تياري ڪئي وئي هئي ۽ ان حوالي سان پهريون ئي آپريشن پنهنجي شروعاتي مرحلي ۾ جاري آهي جنهن تحت سامونڊي ٻيڙي ۽ جيٽ جهازن پنهنجي پوزيشن سنڀالي ورتي آهي.

وائيٽ هائوس جو چوڻ آهي ته جمعي جي صبح کان اڳ ايران تي حملي جي تياري ڪئي وئي هئي پر فوجي اختيارين کي عارضي طور حملو روڪڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائٽ هائوس ۾ قومي سلامتي جي اعليٰ اختيارين، ڪانگريس اڳواڻن ۽ ٻين سينئر اختيارين سان گڏجاڻي ڪئي جنهن ۾ صدر کي بريفنگ ڏني وئي، اعليٰ سطحي گڏجاڻي کانپوءِ  آمريڪي فوجي ۽ سفارتي اختياريون خميس جي شام تي ايران مٿان حملي جي اميد ڪري رهيا هئا.

ميڊيا رپورٽن موجب ٽرمپ پهريون ايران ۾ ريڊار۽ ميزائل بيٽريز جهڙن ڪجهه هدفن کي نشانو بڻائڻ جي منظوري ڏني پر منظوري جي ٿوري دير کانپوءِ  فيصلو واپس ورتو ويو.

پرڏيهي ميڊيا موجب ايران تي حملي بابت پاڻ ٽرمپ طرفان به ڪنهن  قسم جو رد عمل ظاهر نه ڪيو ويو پر ايران طرفان آمريڪي ڊرون ڪيرائڻ کي ٽرمپ ايران جي وڏي غلطي قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

 آمريڪي صدر ڊونڊ ٽرمپ چيو ته آمريڪا وٽ سائنسي شاهديون موجود آهن ته جنهن وقت آمريڪي ڊرون کي ڪيرايو ويو تنهن وقت اهو انٽرنيشنل اسپيس ۾ موجود هو.

واضح رهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ  وڌي وئ آهي ۽ ايران گذريل ڏينهن آمريڪا جو ڊرون جهاز تباهه ڪري ڇڏيو هو.

LEAVE A REPLY