قطر جو امير ٻن ڏينهن جي دوري تي اڄ پاڪستان پهچندو

0
96
Sheikh Tamim Bin Hamad Al Thani

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قطر جو امير شيخ تميم بن حمدالثاني ٻن ڏينهن جي دوري تي اڄ پاڪستان پهچندو.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب امير قطر شيخ تميم اهم وزيرن ۽ سينئر اختيارين تي ٻڌل اعليٰ سطحي وفد سان گڏ پاڪستان پهچندو.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان ٻڌايو ته امير قطر وزيراعظم عمران خان جي خصوصي دعوت تي پاڪستان جو دورو ڪندو، ان دوران هو صدر عارف علوي سميت اعليٰ اختيارين سان به ملاقات ڪندو.

ترجمان موجب ملاقات ۾ معاشي مسئلن بابت اهم معاملن تي ڳالهيون ٿينديون ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون به ڪيون وينديون.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته قطر جي امير شيخ تميم بن حمدالثاني جي دوري سان ٻن طرفن لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون مضبوط ٿيندو.

LEAVE A REPLY