دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد جي زال 31 ملين پائونڊ کڻي فرار

0
95
Sheik Mohammed bin Rashid

دبئي (ويب ڊيسڪ) دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد جي زال الڳ ٿيڻ کانپوءِ 31 ملين پائونڊ ۽ 2 ٻار وٺي جرمني فرار ٿي وئي آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب حيٰ الحسين جرمني کي پناهه جي درخواست ڏني آهي، 45 سالن جي شهزادي حيٰ الحسين پنهنجي 11 سالن جي ڌيءَ جليله ۽ 7 سالن جي پُٽ زيد کي به گڏ وٺي وئي آهي.

غير تصديق ٿيل اطلاعن موجب جرمني جي سفير راڻي حيٰ الحسين جي دبئي کان فرار ٿيڻ ۾ مدد ڪئي جڏهن ته جرمني طرفان ان الزامن تي ڪوبه رد عمل ناهي ڏنو ويو.

حيٰ الحسين اردن جي هاڻوڪي حڪمران عبدالله جي ڀيڻ آهي ۽ 2004 ۾ سندس شادي دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن راشد سان ٿي هئي ۽ اها هُن جي 6 زال آهي.

ايمريٽس ليڪس موجب اردن ۽ دبئي جرمني جي حڪومت کي چيو آهي ته شهزادي ۽ ٻارن کي واپس ڪيو وڃي پر برلن طرفان ان مطالبي کي رد ڪيو ويو آهي.

LEAVE A REPLY