طالبان ۽ افغان وفد وچ ۾ ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس اڄ کان شروع ٿيندي

0
60

دوحا (ويب ڊيسڪ) قطر ۽ جرمني جي سهڪار سان طالبان ۽ افغان وفد وچ ۾ افغانستان ۾ جنگ جي خاتمي ۽ امن جي قيام لاءِ ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس اڄ کان شروع ٿيندي.

دوحا ۾ افغانستان جي سياستدانن، سول سوسائٽي ۽ صحافين تي ٻڌل 50 ماڻهن جو وفد اڄ طالبانن سان ملاقات ڪندو جنهن دوران امن جي قيام ۽ ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويندو.

پاڪستان ۾ اڳوڻو افغان سفير عمرزخيلوال به ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو جنهن جو چوڻ آهي ته طالبان سان ملاقات جو مقصد ڳالهين  واري عمل کي اڳتي وڌائڻ آهي، اڄوڪي ڪانفرنس آمريڪا ۽ طالبانن وچ ۾ ڳالهين واري عمل جو حصو آهي.

طالبانن افغانستان جي موجوده اشرف غني جي حڪومت سان ڳالهين کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي پر ان باوجود انهن چيو آهي ته حڪومتي ماڻهو ذاتي حيثيت ۾ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري سگهن ٿا.

LEAVE A REPLY