سنڌ ۾ نه گورنر راڄ لڳندو ۽ نه ئي اهڙي ڳالهه غور هيٺ آهي: وزيراعظم

0
57

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان واضح ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ نه گورنر راڄ لڳندو ۽ نه ئي اهڙي ڪا ڳالهه غور هيٺ آهي، ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ ڪندڙن کي سزا ڏيڻ ضروري آهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪرپٽ ماڻهن جو احتساب نه ڪرڻ ملڪ سان غداري هوندي، انهن کي خبر پئجي رهي آهي ته حڪومت کي انهن جي ڪرپشن جي ڄاڻ ملي پئي ان ڪري ئي هي سڀ گڏ ٿي رهيا آهن ۽ تڏهن ئي انهن کي حڪومت ڪيرائڻ جي جلدي آهي.

وزيراعظم عمران خان چيو ته مون کي چيو ويندو آهي ته ايندڙ وقت جي سوچيو، اها ڳالهه نه ڪيو ته ڪرپشن ڪنهن ڪئي، هي سڀ مون کان رڳو 3 لفظ اين آر او ٻڌڻ چاهين ٿا پر مان ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن کي اين آر او نه ڏيندس.

سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن هنن ماڻهن جو احتساب نه ڪيو ته هي ملڪ کي اڳتي وڌڻ نه ڏيندا ۽ انهن جي ڪرپشن جي ڪري ئي ملڪ ۽ عوام کي ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر قوم کي ٽيڪس ڏيڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته وقت اچي ويو آهي ته اسان پنهنجو ذهن بدلايون ۽ ٽيڪس ڏيون، اسان گهٽ ۾ گهٽ 8 هزار ارب رپيا ٽيڪس سان گڏ ڪري سگهون ٿا.

وزيراعظم عمران خان چيو ته سمورن ماڻهن کي هڪ ئي پيغام آهي ته سڀ گڏجي ٽيڪس نه ڏينداسين ته رڳو ڪجهه ماڻهن تي بار پوندو، جيڪڏهن ماڻهو ٽيڪس نه ڏيندا ته حڪومت کي نوٽ ڇاپڻا پوندا جنهن سان مهانگائي وڌندي، ان ڪري اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته ماڻهو ٽيڪس ڏين.

LEAVE A REPLY