اٽي ۽ دال سميت کائڻ پيئڻ جي ڪنهن به شيءَ تي ٽيڪس ناهي لڳائي: شبرزيدي

0
109

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته اٽي، حلوي ۽ دال سميت ڪنهن به کائڻ پيئڻ جي شيءَ تي ٽيڪس ناهي لڳائي.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي جو چوڻ هو ته اٽي ۽ ميدي تي ٽيڪس لڳي ها ته ان جو جوابده هجان ها، بنا ٽيڪس جي ماني مهانگي ٿيڻ جو اسان سان ڪو تعلق ناهي، ان حوالي سان وزيراعظم سان ڳالهائيندس.

شبر زيدي چيو ته ڪراچي جي واپارين، فيصل آباد چيمبر ۽ اپٽما جي ماڻهن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٿي آهي جنهن ۾ زيرو ريٽنگ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ معاملي تي ڳالهيون ٿيون، اپٽما جو مطالبو آهي ته درآمدي يارن کي ڊي ٽي آر اي سهولت ڏني وڃي.

ايف بي آر چيئرمين چيو ته ڪنهن به سيڪٽر سان ڪا ڊيڊ لاڪ ناهي، سيلز ٽيڪس ۽ سڃاڻپ ڪارڊ بابت افواهون پکيڙيون پيون وڃن، ماڻهو سڃاڻپ ڪارڊ جي اوٽ ۾ سموريون شيون ڪور ڪرڻ جي ڪوششن ڪري رهيا آهن پر اسان سڀني شين کي ڌار ڪري ڇڏيو آهي.

شبر زيدي جو چوڻ هو ته ننڍن دڪاندارن لاءِ فڪس ٽيڪس اسڪيم آڻڻ لاءِ تيار آهيون جنهن سان سڃاڻپ ڪارڊ جو مسئلو نه ٿيندو پر وڌيڪ آساني ٿيندي.

فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين شبر زيدي چيو ته ڪيترائي موبائل فونز اهڙا آهن جيڪي بنا ڊيوٽي جي امپورٽ ٿيا انهن جو تعداد لکن ۾ آهي ان قسم جي موبائلن تي 20 هزار رپين جو ڏنڊ لڳندو آهي پر موبائل ڊيلرز ان کي 400 رپيا ڪرڻ جو چئي رهيا آهن، گاڏين جي ٽيڪس ۾ ايف بي آر ڪا تبديلي ناهي ڪئي ۽ نه ئي ان سان اسان جو ڪو تعلق آهي.

LEAVE A REPLY