قرضن مان جند آجي ڪرڻ لاءِ ٽيڪس جو دائرو وڌائڻو پوندو: شاهه محمود قريشي

0
57

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته قرضن مان جند آجي ڪرڻ لاءِ ٽيڪس جو دائرو وڌائڻو پوندو.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هڪ بيان جاري ڪندي چيو ته قرضن جي بار هيٺيان دٻيل قوم ڪڏهن خوشحال نٿي ٿي سگهي، قرضن مان ڇوٽڪاري لاءِ ٽيڪس جو دائرو وڌائڻو پوندو.

شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته ٽيڪس ادائگي لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻي پوندي.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ٽيڪس ادائيگيون وڌائڻ لاءِ ٻين جي به حوصلاافزائي ڪرڻي پوندي، پاڪستان خوشحال هوندو ته اسان خوشحال هونداسين.

LEAVE A REPLY