روهڙي (ويب ڊيسڪ) روهڙي ڀرسان تيز رفتار ٽرالر ۽ ڪار وچ ۾ ٽڪر سبب 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.
تفصيل موجب روهڙي ڀرسان پٽڻي موڙ وٽ تيز رفتار ٽرالر ۽ ڪار ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 2 زخمي پڻ ٿي پيا.
ذريعن ٻڌايو آهي ته واقعي ۾ هڪ عورت ۽ هڪ مرد فوت ٿيا آهن، جن کي سکر جي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.