سي ٽي ڊي حافظ محمد سعيد کي گرفتار ڪري ورتو

    0
    66
    hafiz saeed Arrested

    لاهور (ويب ڊيسڪ) سي ٽي ڊي پنجاب پابندي مڙهيل تنظيم جماعت الدعوه جي اڳواڻ حافظ محمد سعيد کي گرفتار ڪري ورتوآهي.

    رپورٽن موجب حافظ سعيد لاهور کان گوجرانوالا وڃي رهيو هو ته کيس گرفتار ڪيو ويو.

    ذريعن ٻڌايو آهي ته حافظ سعيد خلاف مختلف ٿاڻن ۾ ڪيس داخل آهن جن ۾ ضمانت لاءِ هو لاهور کان گوجرانوالا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت وڃي رهيو هو جتي سي ٽي ڊي پنجاب گوجرانوالا جي حدن ۾ داخل ٿيڻ تي کيس  گرفتار ڪري ورتو آهي.

    سي ٽي ڊي ذريعن حادفظ سعيد جي گرفتار جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ۽ سندس گرفتاري جي حوالي سان باظابطا ميڊيا کي آگاهه ڪيو ويندو.

    LEAVE A REPLY