ملڪ ۾ هاڻ ڪراچي يونيورسٽي کي سٺو نه ٿو سمجهيو وڃي: سپريم ڪورٽ

    0
    85
    Supreme Court

    ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڪراچي يونيورسٽي سڄي ملڪ ۾ بدنام ٿي وئي آهي، هاڻ يونيورسٽي کي سٺو نه ٿو سمجهيو وڃي.

    تفصيل موجب سُپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ عورت ائسوسيئيٽ پروفيسر کي شيخ زيد اسلامڪ سينٽر جي ڊائريڪٽر طور مقرر ڪرڻ واري معاملي تي ٻڌڻي ٿي.

    ٻڌڻي دوران جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته 40 سال اڳ ڪراچي يونيورسٽي کي پريميئم يونيورسٽي سمجهيو ويندو هو.

    جسٽس گلزار احمد چيو ته توهان جهڙن ماڻهن جي ڪري ڪراچي يونيورسٽي سڄي ملڪ ۾ بدنام ٿي وئي آهي، اهڙي قسم جي قدمن سبب ملڪ ۾ هاڻ ڪراچي يونيورسٽي کي سٺو نه ٿو سمجهيو وڃي.

    عدالت ڪراچي يونيورسٽي جي وڪيل طرفان پيش ڪيل ڪاغذن جون ڪاپيون درخواستگذار جي وڪيل کي مهيا ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ 22 جولاءِ تائين ٻڌڻي ملتوي ڪندي وڪيلن کي دليلن لاءِ تياري ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.

    LEAVE A REPLY