هڙتالن کان ڊڄي پوئتي هٽڻ جو مطلب ملڪ سان غداري هوندي: وزيراعظم

0
69

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو ته هڙتالن کان ڊڄي پوئتي هٽي ويندس ته اهو سمجهي وڃن آئون پوئتي نه هٽندس ۽ منهنجي پوئتي هٽڻ جو مطلب ملڪ سان غداري هوندي.

گوجرانوالا چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي انعام ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مون ووٽ وٺڻ لاءِ اسلام جي ڳالهه ناهي ڪئي، اليڪشن کٽڻ کانپوءِ رياست مدينه جي ڳالهه ڪئي.

هن چيو ته مدينه جي رياست جي اهم اصولن ۾ رحم، انصاف ۽ ڪمزورن جي داد رسي شامل آهي پر اڄ اربين رپين جي چوري ڪندڙن کي جيل ۾ ائير ڪنڊيشن ملي رهيا آهن ۽ جيڪو ننڍي چوري ڪري ٿو ان سان جيل ۾ ڪهڙو سلوڪ ڪيو ويندو آهي، انهي جي سڀني کي خبر آهي.

عمران خان چيو ته منهنجي ٻاهر ڪابه ملڪيت ناهي ۽ نه ئي ڪاروبار آهي، منهنجو مرڻ جيئڻ پاڪستان ۾ آهي، آئون انهن وانگر ناهيان جيڪو اربين رپيا ٻاهر کڻي وڃا.

وزيراعظم چيو ته جتي اڄ اسان آهيون، اڳتي ائين نٿا هلي سگهون، پاڪستان ۾ 70 سيڪڙو ٽيڪس 300 ڪمپنيون ڏينديون آهن ۽ سروس سيڪٽر هڪ سيڪڙو ٽيڪس ڏيندو آهي، ماڻهو سمجهندا آهن ته ايف بي آر اهڙو ادارو آهي جتان پئسا چوري ٿيندا آهن، جنهن ڪري ماڻهن کي انهي تي اعتماد ناهي، ايف بي آر ۾  اصلاح ڪرڻ وڃي رهيا آهيون.

واپارين جي شٽربند هڙتال بابت وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪير سمجهي ٿو ته هڙتالن سان آئون پوئتي هٽي ويندس ته اهو سمجهي وٺي آئون پوئتي نه هٽندس، منهنجو پوئتي هٽڻ جو مطلب ملڪ سان غداري هوندي.

هن چيو ته ٽيڪس کانسواءِ ملڪ نه هلندو، جيڪڏهن ماڻهو سمجهن ٿا ته جئين اڳ ٿيندو رهيو آهي ائين هلندو رهي ته ائين نه ٿي سگهندو، سڀني کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻو آهي، ڇو ته 22 ڪروڙ ماڻهن ۾ صرف 15 لک ماڻهو ٽيڪس ڏيندا آهن، جيڪڏهن اسان ٿورو ٿورو به ٽيڪس ڏينداسين ته ايترا پئسا اچي ويندا جو قرض جي دلدل مان نڪري وينداسين.

وزيراعظم چيو ته اسان واپارين، صنعتڪارن لاءِ آساني پيدا ڪري رهيا آهيون، افغانستان کان اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي، اسمگلنگ روڪڻ کانسواءِ انڊسٽري اڳتي نٿي وڌي سگهي.

هن چيو ته ايندڙ سال ساڍا 5 هزار ارب رپيا گڏ ڪرڻا آهن، صنعتڪارن جا سڀئي مسئلا حل ڪنداسين.

LEAVE A REPLY