اورڪزئي ۾ شادي جي تقريب دوران گهر جي ڇت ڪري پئي، 8 ڄڻا فوت

0
42

اورڪزئي (ويب ڊيسڪ) لوئر اورڪزئي ۾ شادي جي تقريب دوران گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ٻارڙن سميت 8 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

لوئر اورڪزئي ۾ شادي جي تقريب دوران گهر جي ڇت ڪرڻ سبب ڪيترائي ماڻهو ملبي هيٺ دٻجي ويا.

پوليس حادثي ۾ 8 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته فوتين ۾ وڌيڪ انگ ٻارن جو آهي.

پوليس مطابق حادثي ۾ زخمي ٿيندڙن جو انگ 30 کان وڌيڪ آهي، کيس طبي امداد لاءِ مشتي ميله ۽ ڪلايا اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

LEAVE A REPLY