اطلاعت کاتي سنڌ جي 31 آفيسرن کي غيرقانوني معاوضو ڏيڻ جو انڪشاف

0
66

ڪراچي (رپورٽر) نيب جي ڪاررواين باوجود سنڌ جي اطلاعت کاتي ۾ ڪوبه سڌارو اچي نه سگهيو، کاتي جي 31 آفيسرن طرفان 27 لک 77 هزار رپيا غيرقانوني طور تي معاوضو وٺڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

قائدن مطابق معاوضو انهن آفيسرن يا ملازمن کي ڏئي سگهجي ٿو جيڪو آفيس وقت کانپوءِ ڪا خاص ڊيوٽي سرانجام ڏئي.

اطلاعت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل منصور احمد شيخ ڄاڻايل معاوضو پاڻ ۽ پنهنجي ماتحت 31 منظور نظر ملازمن ۽ آفيسرن کي سيڪريٽري عمران عطا سومري جي منظوري کانسواءِ ڏنو.

2 مهينا گذرڻ باجود اعليٰ اختيارين ڄاڻايل غيرقانوني عمل جو نوٽيس ناهي ورتو.

ڊي جي منصور احمد شيخ پاڻ لاءِ 4 لک 67 هزار، سيد ايم رضا نقوي کي 64 هزار 510، سهيل عظيم کي 44 هزار 750، شاهنواز شاهاڻي کي 26 هزار 650 رپيا ۽ ٻين کي معاوضو ڏئي قومي خزاني کي لکين رپين جو نقصان پهچايو آهي.

ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊي جي اطلاعت جي پنهنجا نوازي واري عمل صحيح ڪم ڪندڙ ملازمن ۾ احساس محرومي پيدا  ڪئي آهي.

ياد رهي ته سنڌ جي اطلاعت کاتي جا هن وقت ڪيترائي ريفرنسز نيب عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، جڏهن ته ڪيترائي ڪرپشن جا معاملا انڪوائري جي اسٽيج تي آهن.

LEAVE A REPLY