شهباز شريف، ايندڙ هفتي ٻڌائيندس ته توهان لاءِ ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن مني لانڊرنگ ڪئي: شهزاد اڪبر

0
75

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم جي احتساب بابت خاص معاون شهزاد اڪبر چيو آهي ته ايندڙ هفتي شهباز شريف کي ٻڌائيندس ته سندس لاءِ ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن مني لانڊرنگ ڪئي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهزاد اڪبر چيو ته شهباز شريف صاحب اسان توهان کان ايرا فنڊز مان ڪيل صرف 3 ادائگين جو پڇي رهيا آهيون، ان جو جواب ڏنو وڃي، قوم کي گمراهه نه ڪريو، اهو ٻڌايو وڃي ته توهان جي ناٺي علي عمران کي 6 ڪروڙ رپيا ڇو ڏنا ويا؟.

هن سياسي شخصيتن کي آڇ ڪئي ته آصف زرداري، نواز شريف، شهباز شريف يا ان جو ڪوبه گهر جو ماڻهو پلي بارگين ڪرڻ چاهي ٿو ته نيب چيئرمين سان معاهدو ڪرڻو پوندو.

 مسلم ليگ نواز جي صدر شهباز شريف جي پريس ڪانفرنس جي ردعمل ۾ هن جو چوڻ هو ته شهباز شريف قوم کي گهمراهه نه ڪري، سوالن جا جواب ڏئي.

شهزاد اڪبر هڪ دفعو وري شهباز شريف کي چئلينج ڪندي چيو ته توهان منهنجي خلاف برطانيا جي عدالت ۾ ڪيس ڪرڻ جو جيڪو واعدو ڪيو هو ان جو انتظار ڪري رهيو آهيان.

LEAVE A REPLY