پنجاهه هزار جي خريداري تي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکارڻو پوندو: شبر زيدي

0
102

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين شبر زيدي چيو آهي ته هر ماڻهو جي حقيقي آمدني تي ٽيڪس لڳائڻ ضروري آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن 50 هزار رپين جي خريداري ڪئي آهي ته ان کي سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکارڻو پوندو.

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ فقير وٽ به سڃاڻپ ڪارڊ پوءِ سڃاڻپ ڪارڊ ڏيکارڻ ۾ آخر ڪهڙو مسئلو آهي؟

شبر زيدي چيو ته ٽيڪس فري ماحول جا عادي ماڻهو سڃاڻپ ڪارڊ واري شرط جي مخالفت ڪري رهيا آهن پر معيشت کي دستاويزي بڻائڻ بابت ڪا سوديبازي نه ڪئي ويندي.

ايف بي آر چيئرمين جو چوڻ هو ته بي نامي اڪائونٽس رکندڙن خلاف بينڪن کي خط لکيو آهي جنهن ۾ بي نامي اڪائونٽ هولڊرز جي ڄاڻ طلب ڪئي آهي.

سندس چوڻ هو ته ايف بي آر بي نامي اڪائونٽس يا ٽرانزيڪيشن خلاف ايڪشن کڻڻ جو پابند آهي بي ناميدارن خلاف ڪريڪ ڊائون نه پر ايڪشن کڻڻ وڃي رهيا آهيون.

شبر زيدي جو چوڻ هو ته بي نامي جو قانون بڻائي ڇڏيو آهي جنهن تي عمل ڪري رهيا آهيون جڏهن ته سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي چيئرمين سان ملاقات ۾ فيصلو ٿيو آهي ته جيڪا ڪمپني ٽيڪس ريٽرن فائل نه ڪندي اها بند ٿي ويندي.

ايف بي آر چيئرمين چيو ته گذريل 15 ڏينهن ۾ گهڻو دٻاءَ برداشت ڪيو ڇو ته هر ڏينهن 13 يا 14 وفدن سان ملاقات ڪري رهيا آهيون ۽ هر ڪو چوي ٿو ته ٽيڪس ختم ڪيو.

ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي جو چوڻ هو ته زڪوات، صدقي ۽ خيرات ڏيڻ سان ڪم نه هلندو ۽ اهڙي طرح گهڻي دير تائين بيوقوف نٿو بڻائي سگهجي هر ماڻهو کي ٽيڪس ڏيڻي پوندي.

LEAVE A REPLY