ميانوالي (ويب ڊيسڪ) ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چورن کي هڪ مهيني لاءِ ميانوالي جيل ۾ رکيو وڃي ته ڦريل سڀ پئسا واپس ڪري ڇڏيندا.
ميانوالي ۾ وزيراعظم عمران خان سان گڏ ميانوالي ايڪسپريس جو افتتاح ڪرڻ بعد تقريب کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته عدالتن ۾ به اي سي ۽ پوءِ پروڊڪشن آرڊر به چورن جو اي سي ۾ گذرندو آهي.
هن وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان چورن کي 9 اسٽار جيلن ۾ رکيو آهي، جيلن ٻه ٻه اي سي ۽ 60 انچ جي اسڪرين ڏني وئي آهي.
شيخ رشيد وزيراعظم کي مشورو ڏنو ته چورن کي هڪ مهيني لاءِ ميانوالي جي جيل ۾ رکو، سڀئي ڦريل پئسا واپس ڪري ڇڏيندا.